لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته گلو??ل پورٽل جاري ڪرڻ سان پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي ۽ انهن جو پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيندو، سمنڊ پار پاڪستانين کي جيستائين محفوظ ماحول فراهم نه ٿيندو اهي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا، معيشت جي ترقي امن ۽ امان جي بهتر صورتحال ۽ قانون جي ع??لد??ري سان ڳنڍيل آهي، دولت جي پيداوار (ويلٿ ڪريئيشن) وسيلي ئي ملڪي معيشت ترقي ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيف سٽي اٿارٽي، دائره ڪار، ڪارڪردگي ۽ پوليس خدمت مرڪز جي گلو??ل پورٽل جاري ڪرڻ تي بريفنگ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.