اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضم ٿيل علائقن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت ??نه??جي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، انهن علائقن ۾ ترقياتي منص??بن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻن قبائلي علائقن) سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ضم ٿيل ضلعن ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي معاملن، ڪورونا و??ا جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي حوالي سان روڊ ميپ تي اڳڀرائي جي معاملن تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم ميمبرن سان ڳا??هائيندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن لاءِ ترقياتي فنڊن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي جي حوالي سان وفاقي حڪومت ??نه??جي ذميواري پوري ڪري رهي آهي، ترقياتي منص??بن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائن اولين ترجيح آهي.