اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهر?? جي ما??ٽر پلان کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي حوالي سان ج??ئز?? اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ماهر ٽائون پلاننگ خيال زمان، نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين، هائوسنگ جي سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي چيف سيڪرٽري سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جا اعليٰ عملدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي وڏن شهر?? جي ما??ٽر پلانز جو حاضر دور جي ضرورتن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ نئين سر جوڙڻ جي حوالي سان هيستائي?? جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.