اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستا?? جي لاءِ سڀني ڌرين کي تشدد جي خاتمي، جنگ بندي ۽ تڪرار جي سياسي حل لاءِ تعميراتي انداز ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي ۽ ڳالهي?? جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، افغانستان ۾ ام?? جي واپسي سان علائقي ۽ دنيا تي اقتصادي ترقي، علائقائي واپار ۽ بهتر رابط?? جي ذريعي ڊگها مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي افغانستا?? جي مسعود فائونڊيش?? جي سربراهه احمد ولي مسعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم احمد ولي مسعود جي گرم جوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن ۾ ٻڌل آهن، هن افغان مزاحمت دوران هڪ اهم مجاهد ليڊر جي طور تي مرحوم احمد شاهه مسعود جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ڳالهي?? جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان کانپوءِ پاڪستان، افغانستان ۾ ام?? جي قيام جو سڀني کان وڏو خواهشمند آهي. ڇاڪاڻ جو ان تڪرار جي ڪري هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. افغان امن عمل جي تڪرار ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان بي?? الافغان ڳالهي?? جي آغاز ۽ آمريڪا ۽ طالبا?? جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ سهولت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي. بي?? الافغان ڳالهيون هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ افغان قيادت کي هڪ جامع، وسيع البنياد ۽ بامقصد ساسي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.