ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سائنسي تعليم جي اشد ضرورت آهي. اسان جي انفارميشن ??يڪ??الاجي جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت اهڙو اظهار ي??ني??رسٽي جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هوڊسن ي??ني??رسٽي کي سليم حبيب ي??ني??رسٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ آن لائين تعليم کي وڌيڪ مربوط بنائڻ گهرجي، انفارميشن ??يڪ??الاجي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي جي راهه تي هلندو. هن چيو ته اسان افرادي قوت ٺاهي ورتي ته قومن جي برادري ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن کي ڌار ڪيو پيو وڃي، اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم معاشري جي تقسيم کي ختم ڪيو. هن چيو ته سليم حبيب ي??ني??رسٽي ۾ ميرٽ کي ??اص اهميت حاصل آهي.