اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو مذهب ناهي ه??ندو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي شان ۾ گستاخي سان ڏيڍ ار?? مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اس??ام?? فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي ه??ا ملي ٿي، مسلمان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اس??ام?? تعاون تنظيم جي م??مبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو او آءِ سي جي م??مبر ملڪن جي سفيرن کي ڀل??ڪا?? چوي ٿو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ اس??ام?? فوبيا جو مسئلو اڳ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي، مون وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئي ته مسلمان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي.