اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ناڻي واري وفاق?? وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال خاص طور تي قبائلي ضلعن بابت معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انه?? جي مفاد?? جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته فصل?? جي وقت سر خريداري نه ٿيڻ جي ڪري آبادگار?? جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اسپيڪر حڪومت ??ي قبائلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قدمن کي ساراهيو. ناڻي واري وفاق?? وزير شوڪت ترين چيو ته اڳوڻي فاٽا جي سمورن ضلع?? جي ترقي ۽ اتا?? جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت ??ي اولين ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روزگار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام سان قبائلي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي وار?? وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قبائلي قيادت ۽ عوام جي مشاورت سان اڳتي وڌايو ويندو، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي قبائلي ضلع?? جي نوجوانن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. اسپيڪر چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قبائلي عوام جي لاءِ حڪومت ??و تمام وڏو تحفو آهي.