اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب و??ير??عظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر و??ير??عظم کي بريفنگ ڏيندا. ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽ??ڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. اڄ و??ير??عظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽ??ڪن جو به افتتاح ڪندو. 4 وڌيڪ ٽ??ڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽ??ڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽ??ڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي، هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي و??ير??عظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو، احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم و??ير??عظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکيو نه سمهي عطيا فنڊ به قائم آهي.