اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ??يو آهي ته ٻن افغان شهري عورتن جي ميتن کي ڀارت مان واگهه بارڊر ذريعي پاڪستان آڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ميتن سميت 5 وارث واگها بارڊر ذريعي پاڪستان پهچندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ شيخ رشيد احمد ??يو ته ميتن کي واگها کان طورخم بارڊر ذريعي افغانستان موڪليو ويندو. افغان شهرين جي ميتن کي افغانستان تدفين لاءِ انساني همدردي جي بنيادن تي اجازت ڏني وئي آهي. هن ??يو ت?? پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان شهرين ۽ ٻين پرڏيهين جي امداد جاري رکندو.