راولپنڊي – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ملڪي سياست ۾ ايندڙ 120 ڏينهن اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خا?? جي قيادت ۾ ايندڙ چونڊون پڻ ڀرپور طريقي سان وڙهندو ۽ ڪاميابي عمران خا?? جي ٿيندي، اليڪش?? جي ويجهو ايندي (ن) ليگ جي نئين الائمنٽ هوندي، هي پگڙيون اڇالڻ جو نه نئين سنجيده سياسي سوچ جو وقت آهي، جيڪڏهن اسان سنجيده سياست ڪنداسين ته ملڪ کي اڳتي وٺي وينداسين. انهن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي وومين يونيورسٽي ۾ نئين پوسٽ گريجويٽ بلاڪ جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته جيڪڏهن افعانستان ۾ ڪو بحران ٿيو ته اسان ان بحران سبب متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه رهنداسين، مونکي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال کي پڻ سٺي طريقي سان هينڊل ڪيو آهي ۽ افعانستا?? جي مسئلي کي پڻ بهتر طور تي حل ڪيو پيو وڃي، آئون اهو سياستدان ناهيا?? جيڪو مهانگائي کان انڪار ڪري، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر انشاءَ الله وزيراعظم عمران خا?? جي اڳواڻي ۾ ان تي ضابطو آڻينداسين ۽ اهي ماڻهو جيڪي اسا?? جي ادارن خلاف ڳالهائي نمبر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي منهن ڀر ڪرندا. پاڪستا?? جي عظيم قوم، پاڪستا?? جي عظيم فوج عمران خا?? جي قيادت ۾ انشاءَ الله بهتر اڳڀرائي ڪندا. الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو ته منهنجي زندگي ۾ تعليم جو مشن مڪمل ٿي ويو آهي. هن ئي مهيني ۾ راولپنڊي جي ٽين يونيورسٽي وقار النساءِ يونيورسٽي جو افتتاح پنجاب جو وڏو وزير ڪندو. تعليمي پلان ۾ ننڍن علائق?? جي چونڊ ڪئي اهي. ڍوڪ حسو، ڍوڪ رتا وغيره ڇاڪاڻ ته انگريز هتان ليبر کڻندو هو ۽ اهو نه چاهيندو هو ته هتي تعليم هجي، اڄ رڳو ڍوڪ حسو جي هڪ ڪاليج ۾ پنج هزار شاگردياڻيون علم حاصل ڪري رهيون آهن. راولپنڊي شهر شاگردياڻي?? جي تعليم جي لحاظ کان ملڪ ۾ پهرين نمبر تي آهي، ان جو ڪريڊٽ عمران خانن ۽ عثمان بوزدار ڏانهن وڃي ٿو. هلندڙ هفتي بهبود اسڪول جو به قبضو حاصل ڪيو آهي ۽ ان کي انٽرميڊيٽ ڪاليج ۾ تبديل ڪيو آهي. ناله لئي منصوبي جو به جلد افتتاح ٿي ويندو. زندگي مهلت ڏني ته هڪ آءِ ٽي يونيورسٽي وڌيڪ ٺاهيندس ان بعد اسپتالن کي وقت ڏيندس. 20 وينٽي ل??نٽر هولي فيملي اسپتال کي ڏنا آهن، وڌيڪ هڪ سو ڊائلاسز مشينون پڻ ڏينداسين. هن چيو ته منهنجي زندگي جو مشن آهي ته ڪمزور سگهارو ٿئي، ائون به هڪ ڪمزور ماڻهو هئس الله مون کي طاقتور بڻايو. راولپنڊي کي ڪو شڪست نه ٿو ڏئي سگهي ڇو ته راولپنڊي جي نياڻي پڙهيل لکيل آهي. منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته منهنجي شهر جي رڪشا ڊرائيور جي ڌيءَ سي ايس ايس ۾ ٽاپ ڪيو آهي. راولپنڊي وومين يونيورسٽي ۾ هڪ هزار شاگردياڻي?? جي هاسٽل جو انتظام ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته هتي ٽيڪسلا، گوجر خان، چڪوال ۽ ٻين علائقن مان به ٻارڙيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اينديون آهن، راولپنڊي وومين يونيورسٽي هاسٽل تي چاليهه ڪروڙ روپي اخرچ آيو، نئين تعليمي بلاڪ تي 13 ڪروڙ خرچ ٿيا. جڏهن ماءَ پڙهيل هوندي ته ايندڙ نسل به پڙهيل هوندو ۽ معاشرو تبديل ٿي ويندو، استاد جو پيشو پيغمبرن جو پيشو آهي، ان جو اقتصاديات سان تعلق ناهي، اسان کي فخر آهي ته اسان پنهنجي نياڻين کي تعليم جي هٿيار سان ليس ڪيو آهي. ان موقعي تي منشيات جي روڪٿام و??ري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ايم اين اي شيخ راشد شفيق، راولپنڊي وومين يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل اڪمال، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سميت استاد ۽ شاگردياڻيون موجود هيون. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته 22 تاريخ کان سياست ۾ تيزي ايندي، ايندڙ 120 ڏينهن پاڪستاني سياست ۾ انتهائي اهم آهن ۽ ان ۾ انشاءَ الله عمران خان سرخرو ٿيندو. هڪ سوال تي هن چيو ته اپوزيش?? جي سياسي موت آهي، عام چونڊن ۾ سوا سال رهجي ويو آهي. عمران خا?? جي اڳواڻي ۾ ايندڙ چونڊون به ڀرپور نموني وڙهنداسين ۽ ڪاميابي عمران خا?? جي ٿيندي. عمران خا?? جي اڳواڻي ۾ تبديلي آڻينداسين. آئون (ن) ليگ کي ٻن بدران ٽن گروپن ۾ ڏسي رهيو آهيان. اهي ماڻهو عمران خا?? جي صلاحيتن جو غلط اندازو لڳائي رهيا آهن. سمورن مسئلن کي بهتر نموني ۽ سليقي سان حل ڪيو ويندو. هن چيو ته طورخم بارڊر بلڪل کليل آهي، چمن بارڊر تي ڪجهه مسئلو ٿيو آهي، ان کي به ٺيڪ ڪنداسين. افغانستا?? جي سلامتي ۽ امن اسان کي به متاثر ڪندو.