ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ??سپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رج??ٽر??شن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، بلوچستان ۾ عورتن کي ??ومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌ?? خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي آفيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي مقرري کي ??قيني بڻايو پيو وڃي. اها ڳالهه هن نادرا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌ?? پهرين موبائيل رج??ٽر??شن وهيڪل جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نادرا بلوچستان جو ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خان، هلال احمر بلوچستان جو چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي ??ءِ بلوچستان عورت ونگ جي صدر زليخه مندوخيل، پي ٽي ??ءِ بلوچستان جو سيڪريٽري اطلاعات آصف ترين ۽ ٻيا پارٽي ??هديدار ۽ نادرا عملدار پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ??سپيڪر چيو ته احساس پروگرام سم??ت تصديق ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ نادرا جي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي، نادرا وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.