اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار ۾ موجود آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ سال وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضروري کا??ي پيتي جي شين جي پيداوار وڌائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ??ڪومت زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پرائيم منسٽر ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام تحت 277 ارب رپيا رکيا آهن. حڪومت ڀاڻ، ٻج ۽ ڪيڙي مار دوائن جي مد ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي آهي. هن زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ بئنڪ جي مارڪ اپ ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدم کنيا آهن ته ??يئن مختلف ضروري شين جي پيداوار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن ٻُڌايو ته ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هلندڙ سال سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ڪمند جي پيداوار جو ڪاٿو 87.67 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال ک??ن 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. چانورن جي پيداوار جو ڳاڻيٽو 8.84 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال ک??ن 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مڪئي جي پيداوار جو ڳاڻيٽو 9 ملين ٽن، مڱيرا 268 هزار ٽن آهي، جيڪو گذريل سال جي مقاب??ي ۾ ترتيبوار 27 ۽ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بصر جي پيداوار هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ 2.4 ملين ٽن حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ??ڪومت ضروري شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اعليٰ سطحي نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته ??يئن قيمتون مستحڪم رهن.