اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چ??و آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪرسمس جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ان م??قع?? تي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني، هن ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم ڪڇي جي اداري جي بهتري لاءِ ڪيل مخلصاڻي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان چيو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سڀني لاءِ مذهبي روايتن جي آزادي جو درس ڏي ٿو. هن پاڪستاني مسيحي برادري کي ملڪ جي ترقي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان م??قع?? تي بشپ طارق جان چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي خوش??ال?? لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪندي رهندي ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب جي انعقاد تي پي بي سي جو ٿورو ا??ا ڪيو. تقريب ۾ مسيحي برادري کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان م??قع?? تي گيت به پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي ترقي، سلامتي ۽ خوش??ال?? لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.