اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ آفريقا جي آ??جهاني اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي ويجهي ساٿي نوبل انعام يافته آرچ بشپ ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته ڊسمنڊ ٽوٽو نسل پرستي جي خلاف ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آفريقا جي آزادي ۽ قومي مفاهمت ۾ سندس اهم ڪردار ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.