ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، روس سان ٻطرفن ل??ڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن ماسڪو ۾ پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻطرفن ل??ڳاپن، گڏيل دل??سپ?? جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روسي پرڏيهي وزير ماسڪو اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه قريشي جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس ج?? وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان روس سان ٻطرفن ل??ڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ روس ج?? وچ ۾ لاڳاپا مس??حڪ?? ٿيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس ج?? وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪ?? بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. روسي پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ج?? ڪاميابي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت کي مبارڪبا?? ڏني ۽ 22 – 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ متوقع او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس ج?? ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي روسي هم منصب جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.