اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئ??ڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته افغانس??ان جي عوام جي امداد لاءِ اسلامي تعاون تنظيم ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن کانسواءِ عالمي برادري جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪس??ان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري لنگهن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسلامي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي صدر افغانس??ان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو افغانس??ان جي عوام سان او آءِ سي پاران يڪجهتي جو اظهار آهي، ان فنڊ جي آپريشنل ٿيڻ س??ن افغانس??ان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اسان جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته افغانس??ان جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ترقياتي بئ??ڪ گذريل ڊسمبر کان مسلسل ٻطرفي ترقياتي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغانس??ان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ تحت افغانس??ان جي ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو افغان ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي، ڇوڪرين جي تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني ويند??. ا??ڙي طرح افغانس??ان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اسلامي ترقياتي بئ??ڪ جي صدر چيو ته افغانس??ان جي عوام جي امداد لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عالمي امدادي ۽ ترقياتي ادارن ۽ عالمي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ترقياتي بئ??ڪ سمورن حصيدارن ۽ عالمي برادري سان گڏجي افغانس??ان جي عوام جي امداد لاءِ پرعزم آهي. هن افغانس??ان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪس??ان جا ٿورا مڃيا.