اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? پنجاب اسيمبلي جي پ??يس گيلري ۾ جيمرز هڻڻ صحافين کي انهن جي پيشيواراڻي فرضن کان روڪڻ جي ڪوشش آهي، پوڻا چار سالن تائين پي ٽي آءِ ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز تي ظلم ??يو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿي رهي آهي ۽ صحافين کي انهن جي ذميوارين کان روڪڻ جي لاءِ جيمرز لڳايا ويا آهن، اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته پنجاب اسيمبلي جي پ??يس گيلري مان جيمرز فوري طور تي هٽايا وڃن. پنجاب اسيمبلي ۾ جيمرز لڳائڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پ??يس گيلر ۾ جيمرز لڳايا ويا آهن، ملندڙ فوٽيج ميڊيا سان شيئر به ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پوڻا چار سالن تائين ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميديا ورڪرز تي ظلم ??يو ??يو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ جيمرز لڳائي ميڊيا کي صحافتي ذميوارين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان کان اڳ به جڏهن اها اليڪشن ٿيڻي هئي ان وقت به ميڊيا کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پ??يس گيلري ۾ جيمرز لڳل هوندا ته ميڊيا ڇا رپورٽ ڪندي؟ هن چيو ته جيمرز لڳائڻ جو مقصد اهو ئي آهي ت?? اسيمبلي ۾ جيڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا اها ميڊيا رپورٽ نه ڪري سگهي. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پنجاب اسيمبلي جي پ??يس گيلر مان جيمرز هٽايا وڃن. مريم اورنگزيب چيو ته نالائق چورن جي ٽولي کي جهڙي طرح قومي اسيمبلي مان ٻاهر اڇلايو ??يو آهي اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي کان به ٻاهر موڪليو ??يندو. هن چيو ته ننڍي ذهنيت واريون حرڪتون بند ٿيڻ گهرجن، جيمرز کي فوري طور تي هٽايو ??ڃي.