اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس 13 -17 جون تائين برلن ۾ ٿيندڙ پنهنجي اجلاسن ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز تي پا??ستان جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يان موجب ايف اي ٽي ايف پا??ستان جي ٻنهي ايڪشن پلانز (2018ع ۽ 2021ع) جي تڪميل کي تسليم ڪيو آهي ۽ هڪ آن سائٽ دوري ??ي جازت ڏني آهي، ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن پا??ستان جي اڳڀرائي تي بحث ۾ حصو وٺندي پا??ستان جي 34 آئٽمز تي مشتمل ٻئي ايڪشن پلان مڪمل ڪرڻ ۽ خاص طور تي رڪارڊ مدي ۾ 2021ع جي ايڪشن پلان جي جلد تڪميل تي مبارڪباد ڏني، پا??ستان ڪووڊ 19 جي وبا سميت ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ان ايڪشن پلانز جي ڪامياب تڪميل لاءِ پنهنجُون اڻٿڪ ڪوششون جاري ??کيُون. بيان موجب پا??ستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز جي لاڳو دوران سي ايف ٽ??/اي ايم ايل ڊومين ۾ تمام گهڻو معاملن جو احاطو ڪيو آهي، ايف اي ٽي ايف سان رابطا پا??ستان ۾ هڪ مضبوط سي ايف ٽ??/ اي ايم ايل فريم ورڪ جي ترقي جو باعث بڻيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي نظام ۾ بهتري ??ئي آهي، پا??ستاني وفد برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي مڪمل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير/ايف اي ٽي ايف بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چيئرپرسن حنا رباني کر ڪئي.