اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) قومي سلامتي س??ن لاڳاپيل اهم اجلاس ۾ ملڪ کي داخلي ۽ پرڏيهي س??ح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪ افغان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي س??ن لاڳاپيل اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي، پارلياماني ۽ سي??سي قيادت، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ملڪي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ جي داخلي ۽ پرڏيهي س??ح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان افغانستان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان جي س??زمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏنو ويندو، اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو، پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج جي بي مثال قربان??ن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي عملداري، امن جي بحالي ۽ معمول جي زندگي جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اڄ پاڪستان جي ڪنهن حصي ۾ به منظم دهشتگردي جو ڪو به ڍانچو باقي ناهي رهيو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٽي ٽي پي س??ن ٿيندڙ ڳاله??ن جي باري ۾ به تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ان س??ور?? پسمنظر کان باخبر ڪيو ويو جنهن ۾ ڳاله??ن جو اهو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته افغانستان جي حڪومت جي سهولتڪاري س??ن ٽي ٽي پي س??ن ڳاله??ن جو عمل جاري آهي جنهن ۾ حڪومتي قيادت ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي نمائندگي ڪندي آئين پاڪستان جي دائري ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن تي حتمي فيصلو آئين پاڪستان جي روشني ۾ پارليامينٽ جي منظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل رهنمائي ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو، سي??سي قيادت معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.