سي??لڪ??ٽ – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ??اڪ??تان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن جو مقصد مودي سرڪار پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي جي لاءِ ان جي خصوصي حيثيت ختم ڪري واديءَ ۾ ??رٽ??ڪل 370 جي غيرقانوني قدم جي مذمت ڪرڻ آهي. ڀارتي فوج پاران ڪشمير جي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ??اڪ??تان ۾ به اهو ڏينهن استحصال ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سي??لڪ??ٽ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو ۽ ڪشمير ۾ مودي سرڪار پاران ??رٽ??ڪل 370 لاڳو ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي وزير??عظ?? نريندر مودي جي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي الڳ رياستي حيثيت ختم ڪري مظلوم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي ئي رياست مان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي جنهن کانپوءِ واديءَ ۾ مظاهرن جي ڊپ کان لاڪ ڊائون هنيو ويو.