اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو باطل جي اطاعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو تاڻي ب??هڻ جو ابدي درس آهي، اسلام اڄ انهن ئي قربانين جي ڪري زندهه آهي، عاشوري جو ڏهاڙو حق ۽ باطل جي لازوال معرڪي جي ياد ڏياري ٿو. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراع??م چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي خاندان جي عظيم قرباني حق ۽ باطل ۽ ظال?? مظلوم جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي، عظيم امام هڪ اخلاقي اصول قائم ڪيو جنهن خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. وزيراع??م چيو ته حضرت امام حسين رضه بي آوازن جو آواز ۽ اتحاد، اخوت، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار آهي، انهن جي مزاحمت ۽ بهادري جو پيغام برابري ۽ آزادي جي آفاقي اصولن جي بنياد تي انسانيت کي اخلاقي عالمي نظام جي خواهش جو درس ڏيندو رهندو. وزيراع??م چيو ته جڏهن انسانيت ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري ٿي ۽ انهن رڪاوٽ?? کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن ۾ اها پاڻ کي ڏسي ٿي، ا?? کي حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي مثالي ڪردار مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪو صبر، وفاداري، اتحاد ۽ رواداري جي خوبين وسيلي ورڇ، افراتفري ۽ انتشار جي ??وت?? کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.