اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀ??پور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ ??ونگ چين جي صدر ۽ وزيراعظم جو خصوصي پيغام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهچايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ ??ي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سدائين وانگر چين جي قيادت ۽ عوام پاڪستان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ ??ا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) امداد ??و اعلان ڪيو ويو آهي. چين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ ??ونگ ڪراچي ۾ امدادي سامان پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪندو. چين پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ??ي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي چين جي سفير جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين جي سفير نونگ ??ونگ چين جي قيادت جي فيصلي سان پاڪستان ح??وم?? کي آگاهه ڪري ڇڏيو.