اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪ??ي ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ سردار محمد يوسف، جمشيد خان، سردار خان، سردار اورنگزيب، ثوبيه خان، شفيع تنولي مور اختيار ولي شامل هئا. ملاقات ۾ پ??رلياناني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر ??مير مقام پڻ موجود هئا.