ڪراچي – 10 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽ?? پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ غربت جي خ??تمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا م??ي چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي ادارن کي نشانو بڻائڻ واري حڪمت عملي ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي ادارن کي نشانو بڻائڻ وار?? پاليسي جي نه مخالف ڌر ۾ ھوندي حامي رھي ۽ نه ئي وري ھاڻي حڪومت ۾ ھوندي ان جي حامي آهي ـ اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو. وفاقي وزير شازيه عطا م??ي چيو آهي ته عمران خان ادارن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اپوزيشن کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ عمران خان کلي سياست ڪري، اسان سياسي انتقام وٺندڙن مان نه آهيون. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ اشتعال انگيزي، نفرت ۽ تعصب کي هٿي ڏئي ڪري به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهندو. اي پي پي/ ص – ع / م – ش 20:35