هنزه – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ نجي شعبي سان گڏجي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، نگر??ن وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير ۽ بهتري جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واديءَ هنزه جو دورو ڪيو. دوري ۾ نگر??ن وزيراعظم هنزه جي سياسي قيادت، اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي منصوبي هنر کن جو دورو ڪيو. هنزه جي سياسي قيادت ۽ اڳواڻن نگر??ن وزيراعظم کي هنزه ۾ بجلي جي بحران، ضلعي هنزه جي آبادي جي تناسب جي حساب سان گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ اضافي سيٽن جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو. نگر??ن وزيراعظم وفد کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلي جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائي. نگر??ن وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ نجي شعبي سان معاهدن جي ذريعي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي سياسي قيادت نگر??ن وزيراعظم کي سياحت جي شعبي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وفد نگر??ن وزيراعظم کان گلگت بلتستان جي مختلف حصن کي هوائي سفر جي ذريعي ڳنڍڻ جو مطالبو ڪيو. نگر??ن وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. سياسي قيادت نگر??ن وزيراعظم کان گلگت بلتستان ۾ اليڪشن قومي سطح جي اليڪشن سان گڏ منعقد ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. نگر??ن وزيراعظم چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان کي هدايت ڪئي ته هو اجلاس ۾ بيان ڪيل مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو گورنر مير غضنفر علي خان، گلگت بلتستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر راني عتقيه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو ميمبر ڪرنل (ر) عبيدالله بيگ، گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبر دلشاد بانو ۽ ٻيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون شامل هيون. بعد ۾ نگر??ن وزيراعظم هنزه ۾ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيسن جي منصوبي ”هنر کن“ ۾ موجود ڪاڊو ڊيجيٽل هب ۽ خصوصي ماڻهن جي بحالي جي سينٽر جو دورو ڪيو. دوري دوران نگر??ن وزيراعظم مقامي انتظاميا کي قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي مقامي آبادي جي ڀلائي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. دوري ۾ نگر??ن وزيراعظم ڪاڊو هنر کن جي هوشيار فري لانسر شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ گلگت کي ترقي جي راهه ??ي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جوش ۽ ولولو انتهائي خوش آئنده آهي.