اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي ??عا??ن ڊاڪٽر فردوس ع??شق اع??اڻ چيو آهي ته ميان محمد نواز شريف اسپتال منتقلي جي حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر جي ڳالهه به نه مڃي، هو اسپتال جي ٻاهر پارٽي ڪارڪنن جي گ??ي ٿيڻ، ٽائر ساڙڻ سميت ٻيا لوازمات پورا ٿيڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ٿيو، اها ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ته ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ جي باوجود به ايتريون پليٽ ليٽس ڪيئن هيـٺ ڪري پيون. وزيراعظم جي خصوصي ??عا??ن ڊاڪٽر فردوس ع??شق اع??اڻ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاق?? وزير سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل رات 12 وڳي نواز شريف کي جڏهن اسپتال منتقل ڪئي پئي ويو ته ان جي مقابلي ۾ اها خبر هلي رهي آهي ته نواز شريف کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ ئي اوچتو پارٽي جا ڪارڪن جهنڊن سان گڏ اسپتال ٻاهران پهچي وڃن ٿا ۽ ٽائرن کي باهه لڳائي احتجاج ڪن ٿا.