پشاور – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رانديگر نه هجان ها ته سياست ۾ هار مڃي چڪو هجان ها، زن??گي لاهن چاڙهن جو نالو آهي، هيٺ ڪر?? اٿڻ وارو پهرئين کان وڌيڪ مضبوط هوندو آهي، راند ئي مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ سيکاريو. قيوم اسپورٽس ڪامپليڪس پشاور ۾ انڊر 21 گيمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته زن??گي مقابلي جو نالو آهي، هن چيو ته شڪست کان نه هارائڻ وارو ئي چيئمپين هوندو آهي ڇو ته هو پنهنجي شڪست جي سببن کي سا??هو?? رکي ٻيڻي محنت ڪندو آهي.