اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خوراڪ جو تحفظ قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، ??نفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پيداواري لاڳت ??ڌڻ سان زرعي شعبو متاثر ٿيو آهي، زرعي تحقيق کي آبادگارن تائين پهچائڻ کانسواءِ حق??قي ثمر حاصل ڪرڻ ممڪن ??ه هوندو. اسان جي زرعي پيداوار ڇو گهٽ ٿي، اسان کي ان حوالي سان ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ زراعت تي قومي ڳالهه ٻولهه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.