اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد ا??هر چيو آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو، 1600 کاڌي پيتي جي شين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 10 ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيا ويا آهن، صحت جي بجيٽ ٻيڻي ڪئي وئي آهي، اين ايف سي ايوارڊ جا فنڊز نه ٿا روڪي سگهجن، ٽيڪس فري بجيٽ، صحت ۽ تعليم ۾ اضافي، مالي امداد جي پئڪيج ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ وقت سر فيصلاسازي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، اسان کي پنهنجي وسيلن موجب اڳتي وڌڻو آهي، امير ملڪن جا وسيلا وڌيڪ آهن، اهي مهينن تائين لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ رهي سگهن ٿا، اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي س??ل 21 – 2020ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير حماد ا??هر چيو ته سينيٽ ميمبرن، ڪميٽي جا ٿورا مڃان ٿو جن بجيٽ جي حوالي س??ن سفارشون ڏنيون آهن، عوام هن بجيٽ ۾ اهو ئي ڏسڻ پئي چاهيو ته پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي بجيٽ ٺاهي وڃي ۽ سفارشون ڏنيون وڃن، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ميمبرن جي سفارشن کي سنجيدگي س??ن وٺون، چيو ويو ته معيشت جي خراب حالت آهي، ائين نه آهي، ڪورونا لاڪ ڊائون کان اڳ ڪرنٽ اڪائونٽ، واپاري خسارو ايترو خراب نه هو، پرائمري س??پلس پهريون ڀيرو ٿيو. 4800 ا??ب جي ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي س??ن پرعزم هئاسين، فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ٻيڻي ٿي، ايف بي آر پهرين کان وڌيڪ ري فنڊ ۽ ڪليمز ڏنا، ڪاروبار کي آسان بڻايو، ان حوالي س??ن اسان جي عالمي درجابندي بهتر ٿي، ايف اي ٽي ايف جي حوالي س??ن 27 مان 14 نقطا پورا ڪيا، ڪورونا جي آفت سان پوري دنيا متاثر ٿي، اسان جي معيشت کي به ان سان تمام گهڻو نقصان ٿيو.