لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي ??ان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جو??ڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي ??رف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ پنجاب جي جدا صوبي بابت عوامي مط??لبي تي موجوده حڪومت پاران عملي ??ڳڀرائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي جي حڪومتن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان مط??لبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عملي ??ڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي هو وزيراعظم جا ٿورائتا آهن. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي ??رف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏکڻ پنجاب جي عوام جي مسئلن جو حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.