اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ??ي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي ??و اجلاس هتي ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جي خاص معاون نديم بابر، شهزاد قاسم ۽ ڊويزن جي سينيئر عهديدارن شرڪت ڪئي.